23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪيپٽن صفدر طبعيت ۾ خرابيءَ سبب اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪيپٽن (ر) صفدر کي طبعيت ۾ خرابي سبب اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌايل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جي اڊيالا جيل ۾ طبعيت خراب ٿي وئي هئي ۽ ڪجهه به کائڻ يا پيئڻ جي صورت ۾ کيس الٽي اچي رهي هئي. ذريعن موجب ڪيپٽن (ر) صفدر جي معدي ۾ السر آهي، جنهن سبب کيس اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سندس ذاتي ڊاڪٽر عدنان جي صلاح کانپوءِ کيس پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪيپٽن صدر کي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان پمز اسپتال جي پرائيويٽ وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے