17 جمعو , آگسٽ 2018

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجو چينل کولڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(ويب ڊيس ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجو ٽي وي چينل آڻڻ جون شروعاتي تياريون شروع ڪري ڇڏيو آهن .پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته چينل جي لائسن لاءِ اسان پيمرا ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي ۽ ٻيون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن .پاڪستان جي پهرين ٽيسٽ کيڏائڻ وارو ملڪ هوندو جنهن جو پنهنجو ٽي وي چينل هوندو . ان چينل تي ڪرڪيٽ کان سواءِ ٻيا ”شو“ به ڏيکاريا ويندا ۽ بورڊ پنهنجي اميج کي بهتر ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام به ڪندو. گھٽ ٻولي ڏيڻ وارو چينل کان پي سي بي 5 سالن لاءِ معاهدو ڪندو جڏهن ته پي سي بي جو چينل اچڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال کان وڌيڪ ٽائيم لڳي سگھي ٿو نجم سيٺي جو چوڻ هيو ته ايئر ٽائيم خريد ڪرڻ لاءِ ٺهراء ڪري ڇڏيو آهي .پاڪستاني چينل اشتهار کي ڏسي ڪري پي سي بي کي پنهنجو ايئر ٽائيم وڪرو ڪري سگھي ٿو . ياد رهي ته 2006ع ۾ شهريار خان به پي سي بي چينل شروع ڪرڻ لاءِ ابتدائي تياريون شروع ڪيون هيون پر ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان منصوبي جي جاچ ڪرڻ انڪار ڪيو هو. نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجا اسٽوڊيو به کوليندو ، چينل لاءِ پروفيشنل ماڻهن جي ٽيم ٺاهيندو جڏهن ته ايئر ٽائيم خريد ڪري سڄي دنيا کي ڏيکارينداسين ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ جي تحت ايندڙ ميچ سڄي دنيا ۾ ڏيکارينداسين . هن چيو ته ترجيح آهي ته پنهنجي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ هن سال اسان تمام گھڻو خرچ ڪيو آهي . ٽيم ۽ انعامي رقم تمام گھڻو اضافو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asian Indoor 12-year-old Ball Championship defeated India's hands in Pakistan

ايشين انڊر 12 بيس بال چيمپئين شپ ۾ پاڪستان جي هٿان ڀارت کي شڪست

تائيوان(ويب ڊيسڪ) ايشين انڊر 12 بيس بال چيمپئين شپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے