21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت تي ڪنٽرول ڪري سگهندو

علي ٿهيم

پ پ پ کي سنڌ ۾ لاڳيتو ٽيون ڀيرو حڪومت ملي آهي 2008ع  ۾ پ پ پ ملڪ جي وڏي پارٽي طور سامهون آئي پر 2013 ۾ پ پ پ سنڌ تائين محدود ٿي ويئي ان وقت پ پ پ ان اليڪشن کي آر او اليڪشن قرار ڏيئي ڪجھه پنهنجو ڀرم رکيو، قوم کي به اعتبار نه پئي آيو ته پ پ پ جو ائين مڪمل صفايو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو پارٽي جي مک ليڊرشپ اليڪشن 2013ع ۾ ڪلين سوئيپ ٿي ويئي پر اها حقيقت اليڪشن 2018ع ۾ پڪ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ عوام به محسوس ڪيو ته واقعي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان پ پ پ جو صفايو ٿي ويو آهي پ پ پ سوڙھي ٿي اچي سنڌ تائين محدود ٿي آهي، سنڌ ۾ به لياري جهڙي مضبوط ڳڙھ مان پ پ پ جي بري شڪست جتي پ پ پ ٽئين نمبر تي اچي پهتي آهي، ان کان سواءِ ڪجھه ضلعن ۾ سياسي شخصيتن جي پ پ پ ۾ شموليت کان پوءِ ڪجھه سيٽن جو اضافو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ سنڏ ۾ وڏي پارٽي واري پوزيشن برقرار رکي پر سنڏ ۾ هن ڀيري پ پ پ لاءِ پي ٽي آءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف سنڌ مان 22 سيٽون کٽي سنڌ جي ٻي وڏي پارٽي طور سامهون آئي آهي پي ٽي آءِ جي سنڌ ۾ دبنگ انٽري کان پوءِ پ پ پ لاءِ امتحان وڌي ويو آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر ڪري پ پ پ جي گذريل ڏهن سالن واري ٻن دورن جي ڪارگذاري ڪجھه بهتر نه رهي آهي ان ڪري هاڻي سنڌ ۾ عوام کي پ پ پ سان گڏ هلائڻ لاءِ انقلابي قدم کڻڻا پوندا، سنڌ مان پهرين نمبر تي ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو، جيستائين سنڌ مان ڪرپشن ختم نه ٿيندي، سنڌ ترقي نه ڪندي هن ڀيري پ پ پ ڪنهن خوش فهمي ۾ نه رهي هاڻي سنڌ جو عوام پ پ پ سان ڪجھه ڏيو ڪجھه وٺو واري پاليسي سبب ئي گڏ هلي سگهندو جيڪڏهن هن ڀيري سنڌ جي عوام جي خواهشن جو احترام نه ڪيو ويو ته عوام يقينن متبادل ڏانهن لاڙو ڪندو.

سنڌ ۾ پ پ پ جي مقابلي لاءِ ڪو مناسب متبادل ڪڏهن به نه آيو هو ڪراچي حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم ڪامياب ٿيندي رهي هئي جيڪا صرف مهاجرن تائين محدود رهي مسلم ليگ ف جي ڪارڪردگي به عوام جي سامهون هئي ف ليگ مختلف وقتن تي سنڌ جي اقتدار تي قابض رهي آهي پر ف ليگ جي ڪارڪردگي ڪا بهتر نه رهي آهي ان ڪري سنڌ جي عوام ف ليگ کي پ پ پ جي متبادل پارٽي جو درجو نه ڏنو، اليڪشن 2013ع ۽ 2018ع ۾ سنڌ ۾ پ پ پ سان مقابلي لاءِ جوڙيل اتحاد جي ڊي اي کي سنڌ جي عوام ان ڪري موٽ نه ڏني جو هڪ ته ان اتحاد ۾ وڻ وڻ جون ڪاٺيون گڏ هيون ٻيو ان اتحاد ۾ ڪا مضبوط پارٽي گڏ نه هئي ان ڪري سنڌ ۾ پ پ پ اليڪشن 2018ع وارو ميدان به ماري ويئي پر سنڌ ۾ پ پ پ کي ان وقت جهٽڪو لڳو، جڏهن پي ٽي آءِ کي 22 سيٽون مليون ۽ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ٻي وڏي پارٽي طور سامهون آئي ۽ پي ٽي آءِ کي مليل سيٽن مان هرڪوئي اندازو لڳائي رهيو آهي ته هاڻي سنڌ مان پ پ پ جي مونو پولي ختم ٿيڻ جا ڏينهن نظر اچي رهيا آهن، ماڻهو سدائين چوندا آهن ته سنڌ جو عوام ڀٽن جو قرض لاهي رهيو آهي ڳالھه ڀٽن جي قرض جي نه آهي، پر سنڌ ۾ متبادل نه هو ان ڪري پ پ پ عوام کي اهميت ڏيڻ بنا اڪثريت سان کٽي من مستيون پئي ڪيون، آئون سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ ڀوتار پڇتائي رهيا هوندا ته ڪاش پي ٽي آءِ ۾ وڃون ها جو پي ٽي آءِ مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي رهي آهي ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جا وڏي انگ ۾ ڀوتار ذهن ٺاهي ڇڏيندا ته اليڪشن 2023ع ۾ پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهبي، ها اهڙي سوچ وارن ڀوتارن ۽ سنڌ جي عوام جي هڪ طريقي سان رستا روڪ ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ ۾ گڊ گورننس متعارف ڪرائي وڃي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، پ پ پ سنڌ ۾ روزگار جا ذريعا پيدا ڪري ڪرپشن کان پاڪ حڪمراني متعارف ڪرائي وڃي، تعليم صحت تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ادارن کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي سياسي بدليون ۽ مقرريون بند ڪري بدلين مقررين جا اختيار ادارن حوالي ڪيا وڃن، پنهنجا نوازي بند ڪئي وڃي روزگار بنا فرق سڀني کي ڏنو وڃي چوته سنڌ ۾ 10 سالن ۾ اهو تاثر ملندو رهيو ته سنڌ ۾ نوڪريون صرف زردارين لاءِ آهن، باقي سنڌين کي نه هئڻ جي برابر نوڪريون مليون سنڌ جي روڊن رستن جي حالت بهتر ڪئي وڃي. سنڌ ۾ جتي گيس تيل نڪري رهيو آهي، ان جي رائلٽي انهن علائقن ۾ خرچ ڪئي وڃي،

جتي گيس جا کوھ آهن انهن کوهن جي ارد گرد پنج ڪلوميٽر علائقي ۾ شامل ڳوٺن کي گيس جي سهولت ڏني وڃي، سنڌ ڪابينا خالص ميرٽ تي ٺاهي وڃي وزير مشيرن جي منڊي نه لڳائي وڃي سنڌ ۾ او پي ايس تي آفيسرن جي مقررين تي پابندي لڳائي وڃي اهڙا آفيسر ڪرپشن جو سبب بڻجندا آهن اهي ڳالهيون تڏهن ممڪن ٿي سگهن ٿيون، جڏهن پارٽي جون واڳون مڪمل طور بلاول ڀٽو حوالي ڪيون وڃن، ان ۾ ٻيو ڪير مداخلت نه ڪري ۽ بلاول جيڪو اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي آئون پاڻ نگراني ڪندس بلاول ڀٽو کي نه صرف سنڌ حڪومت جي نگراني ڪرڻي پوندي پر کيس مني لانڊرنگ خلاف به سخت قدم کڻڻو پوندو سنڌ حڪومت جي ڪارگذاري بهتر رهي ته پ پ پ سنڌ ۾ گڊ گورننس جي آڌار تي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي وڏي پارٽي بڻجي سگهي ٿي، عمران خان به ڪي پي ڪي ۾ بهتر ڪارڪردگي جي بنياد تي پوري ملڪ ۾ اڪثريت سان کٽي حڪومت ٺاهڻ جي قابل بڻيو آهي پ پ پ کي به هن ڀيري پنهنجي ڪارڪردگي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي هن وقت پ پ پ وٽ پنهنجي مستقبل کي بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ئي آهي، اها سنڌ حڪومت ئي آهي جيڪا پ پ پ جو سياسي مستقبل بچائي سگهي ٿي، اهائي سنڌ حڪومت آهي جيڪا پ پ پ جو سياسي مستقبل تباھ ڪري سگهي ٿي هاڻي ڏسڻو آهي ته بلاول ڀٽو جيڪو سنڌ حڪومت تي نظر رکڻ وارو اعلان ڪيو آهي، ان لاءِ کيس مڪمل طور با اختيار ڪيو ٿو وڃي يا سندس اهو صرف سياسي بيان ئي ثابت ٿوٿئي؟….

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم سنگت کي سمجهائيندي چيو ته “اڄ نائين محرم آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے