23 آچر , سيپٽمبر 2018

مصور قطب رند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شھرن ۾ مظاھرا

جيڪب آباد/ڪوٽڙي/خيرپور/نئون ڪوٽ(نمائندن وٽان) جيڪب آباد واسي سنڌي مصور قطب رند کي لاھور ۾ ٽي ماڙ تان ڌڪو ڏئي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف شھرن ۾ مظاھرا ڪري ريليون ڪڍيون ويو،رپورٽن موجب مصور قطب رند جي قتل خلاف جيڪب آباد ۾ سنڌ_بلوچستان مصور ايسوسيئشن طرفان شھيد الله بخش پارڪ کان احتجاجي جلوس امان الله لغاري، دوست محمد لاشاري، امتياز ابڙو، مقتول جي چاچي گل بيگ رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، ڪوٽڙي ۾ ٻولهاڙي اتحاد طرفان پريس ڪلب آڏو يوسف سارنگ، طالب لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، خيرپور ۾ رند قومي اتحاد طرفان پريس ڪلب آڏو فقير ذاڪر حسين رند، محمد يوسف، محمد پنجل ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، نئون ڪوٽ ۾ س ا س جي ايوب کوسي ۽ ٻين مظاھرو رڪارڊ ڪرايو، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته قطب رند هڪ پيشيوراڻا مصور هو، ھن وقت تائين لاھور ۾ ٽي ماڙ تان ڌڪو ڏئي قتل ڪيل مصور جا قاتل گرفتار ناھن ٿيا، پوليس جو قتل ڪيس لوڙهڻ افسوسناڪ عمل آهي، هنن پنجاب سرڪار کان گهر ڪندي چيو ته قطب رند جي قاتلن کي سزا ڏئي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے