19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: مٺي: ڏڪار واريون حالتون برقرار، وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت

Mithi: Dangerous conditions retained, more than three children diedٿرپارڪر ۾ گهربل برسات نه پوڻ سبب ڏڪار واريون حالتون ٿي ويون.

مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو ۽ ڏيپلو سميت ستن ئي تعلقن ۾ گهربل برسات نه پوڻ سبب ڏڪاري حالتون پيدا ٿي ويون.

مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا.

سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو.

فوتي ٻارڙن ۾ پنج ڏينهن جو ڪيلاش، غلام رحيم ۽ پريم ٺاڪر جا تازا ٻارڙا شامل آهن.

اسپتالن ۾ سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ سبب ماروئڙا صحت جي سهولتن کان محروم بڻيل آهن،جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ڪروڙين روپين جي لاڳت واريون فراهم ڪيل چار موبائيل ڊسپينسري اسپتالن واريون گاڏيون بي لاڀ بڻيل آهن.

ٿر جون حالتون خراب ٿيڻ ۽ ٻارڙن تي موت جو راڪاس جاري هجڻ باوجود حڪومت ڪو به  نوٽيس ناهي ورتو.

هوڏانهن ٿر ۾ برساتون نه پوڻ سبب ڏڪاري حالتن ڪر کنيو آهي، پاڻمرادو ڏڪار ڊڪليئرٿيڻ ۾ باقي پنج ڏينهن وڃي بچيا آهن، ڪيترائي ماروئڙا گهربل برساتون نه پوڻ سبب بئراجي علائقن ڏانهن تيزي سان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Strike by members of JSQM against water shortage

نيوز: ڌاٻيجي: جسقم جي پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال

*ڌاٻيجي  ۾ پاڻي جي کوٽ ۽  بجلي جي  بندش خلاف جسقم جي سڏ تي  ڪارڪنن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے