22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: شهيد نذير عباسي جي 38 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

38th anniversary of Shaheed Nazir Abbasi*سنڌ جي مٽي مان جنم وٺندڙ املهه ماڻڪن  جي تاريخ  هڪ سونهري باب جي حيثيت رکي ٿي، جن  ظلم ۽ ڏاڍ کي للڪاريندي، مسڪين ماڻهن جي ترجماني ڪندي ۽ سندن حقن جي حفاظت ڪندي جانين جا نذرانا پيش ڪري ڇڏيا.

اهڙن ئي عظيم انسانن مان هڪ نالو شهيد نظير عباسي به آهي جنهن پنهنجي سموري ڄمار ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ ماڻهن کي ظلم ۽ ناانصافي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪندي نيٺ شهادت جو جام پيتو .

شهيد نظير عباسي 10 آپريل 1953 ع ۾ جنم ورتو هو، جان محمد عباسي ۽ محترمه قمرالنسا جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن ننڍڙي ٻار جي جنم وقت ڪنهن سوچيو نه هو ته ڪو هي ايڏو وڏو اڳواڻ بڻجي اڀرندو  ۽ مسڪين ماڻهن جي خوشحالي لاءِ  پاڻ پتوڙيندي جان جو نذرانو پيش ڪندو .

جيتوڻيڪ شهيد نظير عباسي ننڍي عمر ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪيمٽي جو ميمبر بڻيو  ۽ 9 آگسٽ 1980 ۾ کيس ٽارچر ڪري شهيد ڪيو ويو پر ان ٿوري عرصي ۾ هن سياست جي ميدان ۾ نه رڳو پاڻ مڃرايو پر پنهنجي قول ۽ فعل مان ثابت به ڪري ڏيکاريو ته هو  هڪ بهادر اڳواڻ هو .

نظير عباسي ابتدائي تعليم ٽنڊي الهيار ۾ ئي حاصل ڪئي  ۽ ٻارهين ڪلاس جو  امتحان به اتان ئي  پاس ڪرڻ بعد هن ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالهيار ۾نوڪري  ڪرڻ شروع ڪئي.

ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو الهيار ۾ مسڪين پورهيتن جي ڏتڙيل حالت  ڏسي هن يونين آف ميونسپل ورڪرز جو بنياد رکيو، پر هو گهڻو عرصو اتي نه رهيو ۽ علم جي وڌيڪ اڃ اجهائڻ لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيو جتي هن پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيشن جي سند حاصل ڪئي.

شهيد نظير عباسي کي پهريون ڀيرو آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميمبر جي حيثيت ۾ 1969 ع ۾ گرفتار ڪيو ويو . هي تنظيم مطالبو ڪري رهي هئي ته ووٽن جي چونڊ فهرست سنڌي زبان ۾ شايع ڪئي وڃي.

قيد دوران سندس ملاقاتون ڪميونسٽ اڳواڻن ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي اڳواڻن سان ٿيون .

شهيد نظير عباسي کي ٻيهر ضياءُ الحق جي آمريت واري دور ۾ مئي 1978 ع ۾ گرفتار ڪيو ويو.

شهيد نظير عباسي 4 فيبروي 1978 ع تي  ان وقت جي شاگرد اڳواڻ، نظرياتي شاگردياڻي ۽ اڄ جي ناليواري ليکڪه ۽ نامياري صحافي حميدهه گهانگهرو سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ نياڻي زرقه عباسي جو اولاد آهي .

30 جولاءِ 1980 ع ۾ نظير عباسي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ان وقت نه رڳو شهيد نظير عباسي پر پروفيسر جمال نقوي ، امر لال ، ڪمال وارثي ، شبير شر ،سهيل سانگي، بدر ابڙو کي به گرفتار ڪيو ويو .

شهيد نظير عباسي جي ساٿين  ڊاڪٽر جبار خٽڪ ، ميڊم حميدهه گهانگهرو ، شبيرشر  ، بدر ابڙو، سهيل سانگي، ڊاڪٽر شفقت عباسي ، رمضان ميمڻ ، زرقه عباسي ۽ ٻين کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي چيو   ته شهيد نظير عباسي هڪ لازوال ۽ لافاني ڪردارآهي جنهن جي قرباني کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي

ايس او ٽيز…..

جيتوڻيڪ نظير عباسي کي 9 اگسٽ 1980  ع  تي  شهيد ڪيو ويو پر  پنهنجي جدوجهد ۽ غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ سبب هو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | گهوٽڪي: مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

گهوٽڪي ۾ به مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. مرڪزي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے