17 جمعو , آگسٽ 2018

پريانڪا چوپڙا کي فلم ۾ مرد بڻجڻ جو شوق

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن پر سندس هڪ اهڙي خواهش آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين پوري ناهي ٿي سگهي. پريانڪا چوپڙا جو خواب آهي ته هوءَ پنهنجي ڪنهن فلم ۾ مرد بڻجي ڪردار ادا ڪري. هڪ ايونٽ دوران بالي ووڊ سندري جو چوڻ هو ته منهنجو خواب آهي ته هڪ مرد جو ڪردار ادا ڪيان ۽ اڳتي مان اهڙو ئي ڪجهه ڪنديس. مردن لاءِ لکيل ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان پريانڪا چوپڙا جو چوڻ هو ته مان اهڙا ڪردار ڪرڻ چاهيان ٿي، جتي مان پنهنجي فيصلا پاڻ ڪري سگهان ۽ ڪير به مون بابت ڪجهه نه سوچي، اها آزادي رڳو مردن کي ملي رهي آهي ۽ اها ئي آزادي هاڻ سڀني عورتن کي به گهرجي. واضح رهي ته پريانڪا چوپڙا پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترائي مضبوط ڪردار نڀائي چڪي آهي. بالي ووڊ فلم ”ان ۽ گنگا جل“ ۾ پريانڪا چوپڙا پوليس آفيسر جي روپ ۾ نظر آئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The head of the head and the crown Prince Shujaa, Nasrat Fateh Ali Khan, was defeated by fans since 21 years.

سُر ۽ سنگيت جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) شهنشاهه قوال ۽ موسيقي جي دنيا جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے