18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيب اجلاس: سعد رفيق سميت ٻين اڳوڻن وزيرن خلاف جاري جاچ جو جائزو

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب آفيس لاهور ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي جي نيب لاهور طرفان نيب کي بريفنگ ڏني وئي. تفصيل موجب نيب جي ان اهم اجلاس ۾ سعد رفيق جي خلاف 55 لوڪوموٽوز جي خريداري ۾ مالي بدعنواني جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ريلوي زمين جي غير قانوني ليزنگ سميت ٻين الزامن جي انڪوارئي جو جائزو به ورتو ويو. اڳوڻي وزير سيف الملوڪ، اڳوڻي ايم اين اي مدثر قيوم ۽ ايم اين اي اظهر قوم جي خلاف انڪوائري جا معاملا به غور هيٺ آيا. نيب چيئرمين کي اڳوڻي اوقاف واري چيئرمين جي خلاف غير قانوني اثاثن تي بريفنگ ڏني وئي، گڏوگڏ ايل ڊي اي جي اڳوڻي چيف انجنيئر رياض الحق جي خلاف شڪايتن تي بريفنگ ڏني وئي.  اجلاس ۾ پنجاب پوليس جي سينيئر آفيسرن جي خلاف به غير قانوين اثاثن ۽ اڳوڻي سي سي پي او لاهور جي خلاف اثاثن جي شڪايت تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊي آءِ جي حيدر اشرف ۽ منظور وٽو جي خلاف به بدعنواني جي شڪايت تي نيب چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي. نيب قومي اسيمبلي جي ميمبر اظهر قيوم 10 آگسٽ تي طلب ڪيو ۽ اظهر قيوم جي خلاف غير قانوين اثاثن جي انڪوائري جاري آهي، اظهر قيوم کي 10 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو نوٽيس موڪليو ويو آهي. نيب پنجاب ڪمپني اسڪينڊل، احد چيما جي فيملي جو ريڪارڊ ايف بي آر کان طلب ڪري ورتو آهي، احد چيما جي خاندان جور يڪارڊ مرتب ڪرڻ جي لاءِ ايف بي آر جون 4 ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے