22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پنجاب جو گورنر هائوس نه رهندو، ٻيهر گورنر بڻجڻ جي خواهش ناهي: چوڌري سرور

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري محمد سرور چيو آهي ته کيس ٻيهر گورنر بڻجڻ جي خواهش ناهي، هونئن به هاڻ گورنر هائوس پنجاب نه رهندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ته هو پهرين به گورنر رهي چڪو آهي، هاڻ عمران خان چيو آهي ته گورنر هائوس کي عوام جي لاءِ مختص ڪيو ويندو. هن پي ٽي آءِ ۾ هر قسم جي گروپنگ جي ترديد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي سڄي پارٽي عمران خان سان گڏ آهي. چوڌري سرور وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وٽ پنجاب ۾ واضح اڪثريت آهي، هاڻ وڌيڪ وقت انتظار نه ڪرڻو پوندو، عمران خان جيڪو به فيصلو ڪندو ان کي قبول ڪنداسين. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ فارورڊ بلاڪ بڻجڻ جي خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي، پارٽي اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي، پنجاب ۽ مرڪز ۾ حڪومت بڻائڻ ۾ ڪا به پريشاني نه ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے