21 جمعو , سيپٽمبر 2018

جهاز ۾ اي سي بند ٿيڻ سبب ٻار جي حالت خراب، سي اي او پي آءِ اي واقعي جو نوٽيس ورتو

Due to closure of ACE in the plane, the condition of the child was poor, the COPA incident took noticeاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پئرس کان اسلام آباد ايندڙ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن(پي آءِ اي) جي فلائيٽ پي ڪي اي 750 ۾ اي سي سسٽم بند ٿيڻ سبب هڪ نئين ڄاول ٻار سميت ٻين مسافرن جي حالت خراب ٿي وئي جنهن  جو سي اي او پي آءِ اي  نوٽيس ورتو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ واقعي جي ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز جو اي سي سسٽم خراب ٿيڻ سبب ڪيبن ۾ سخت ٻوسٽ ٿي وئي، پر مسافرن جي شڪايت تي به عملي ڪن نه ڏنو. ان دوران هڪ نئون ڄاول ٻار بهوش ٿي ويو، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار جي امڙ رڙيون ڪندي عملي کي چئي رهي آهي ته اي سي نٿي هلي دروازو کولي ڇڏيو. ٻين مسافرن طرفان پڻ سخت احتجاج ڪيو ويو.  واقعي جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي پي آءِ اي جي ترجمان مشهود تاجور جو چوڻ هو ته کيس هن وقت تائين انتظاميا طرفان اهڙو ڪو به واقعو رپورٽ ناهي ڪيو ويو، پر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته ان معاملي تي جاچ جاري آهي ۽ عملي جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن عملي جي طرفان مسافرن سان اهڙو رويو پيش ڪيو ويو آهي ته  ان خلاف ضرور ايڪشن ورتو ويندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان پنهنجي مسافرن جو خيال رکندا آهيون ۽ ڪڏهن به اهڙو ڪو واقعو پيش ايندو آهي، جنهن ۾ مسافرن جي حياتي کي خطرو هوندو آهي ته اسان جهاز لينڊ به ڪرائيندا آهيون. ٻئي پاسي قومي ايئر لائن جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي آءِ اي طرفان جهاز جي ڪپتان کي واقعي جي وضاحت لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته پئرس ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي گرائونڊ هينڊلنگ عملي کان به وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے