23 آچر , سيپٽمبر 2018

برطانوي شهزادي هيري جي بوٽ ۾ سوراخ، سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا

in the British princess Harry Boat, interesting comment on social mediaلنڊن(ويب ڊيسڪ) ويجهڙائي ۾ برطانوي شهزادي هيري پنهنجي گهرواري ميگهن مارڪل سان گڏ پنهنجي ٻالڪ پڻ جي دوست چارليءَ جي شادي ۾ شرڪت ڪئي، پر ان موقعي تي ٻنهي جي جاءِ  تي شهزادي جي بوٽ جو سوراخ ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو. شهزادو هيري ۽ سندس گهرواري ميگهن مارڪل هار سينگار ڪري شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقع ته ميگهن مارڪل وڻندڙ ڪاري رنگ جي ڪلب مناڪو لباس سان گڏ خوبصورت فلپ ٽريسي ٽوبي پهري جڏهن ته شهزادو هيري شاندار سوٽ بوٽ ۾ نظر آيو. پر ميڊيا جي ”عقابي نظر“ شهزادي هيري جي بوٽ جي هيٺان موجود سوراخ پڻ ڏسي ورتو ۽ ان کي ڪميرا جي اک ۾ قيد ڪري ورتو. جڏهن شهزادي هيري جي بوٽ ۾ سوراخ واري تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي ته واهپيدارن جي دلچسپ تبصرن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. رسل ميئرز نالي هڪ آمريڪي تجزيه نگار پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته ”شهزادي هيري جو سوراخ وارو بوٽ ڏسڻ بعد مونکي پنهنجي زندگي ڪجهه بهتر لڳي رهي آهي. هڪ واهپيدار شهزادي هيري کي سوراخ وارو جوتو پائڻ تي بهترين عمل قرار ڏنو ۽ لکيو ته اهو ئي سبب آهي جو مان کيس پسند ڪندو آهيان. ٻئي پاسي هڪ عورت لکيو ته جيڪڏهن پرنس هيري جي بوٽ ۾ سوراخ ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اسان مذدورن جي ڪهڙي حالت هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے