23 آچر , سيپٽمبر 2018

قومي اسمبليءَ جو اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ سڏائڻ لاءِ سمري رواني

The National Assembly meeting summoned a meeting between 12 to 14 Augustاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري نگران وزير بيئرسٽر علي ظفر چيو آهي ته قومي اسمبلي جو اجلاس سڏائڻ  لاءِ سمري موڪلي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن 2018 جي عام چونڊن جا سرڪاري نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن بعد اقتدار جي منتقلي لاءِ ڪم  شروع ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌسماءَ واري نگران وزير بيئرسٽر علي ظفر ٻڌايو ته قومي اسمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ سمري اُماڻي وئي آهي  ۽ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ تائين جي وچ ۾ سڏائڻ جو چيو ويو آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ پوءِ قائد ايوان جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. بيئرسٽر علي ظفر چيو ته آئين تحت 15 آگسٽ کان اڳ اجلاس سڏائڻ لازمي آهي پر اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن تائين قومي اسمبلي جو اجلاس نٿو سڏائي سگهجي.  هڪ سوال جي جواب ۾ بيئرسٽر علي ظفر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن موجب نتيجن دير سسٽم جي خرابي هئي جڏهن ته جاچ بعد آر ٽي ايس سسٽم جي خرابي جو پتو پيجي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري تي ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو پروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے