21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اين اي 182: جمشيد دستي جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد

NA 182: Rejected Jamshed Danny re-reconsideration requestاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جمشيد دستي جي اين اي 182 ۾ ووٽڻ جي ٻيهر ڳڻپ واري اپيل رد ڪري ڇڏي. 2018 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه جمشيد دستي کي اين اي 182 مظفر ڳڙهه تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي مهر ارشاد 53 هزار ووٽ حاصل ڪري شڪست ڏني هئي جڏهن ته جمشيد دستي جي حصي ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ووٽ آيا هئا . جمشيد دستي پنهنجي تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته رات 11 هين وڳي لائٽ بند ٿي وئي ۽ ٻئي ڏينهن ٻئين وڳي نتيجا ڏنا ويا انڪري تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي. چيف جسٽس جمشيد دستي جي اپيل رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته پنهنجي لاڳاپيل فورم اليڪشن ڪميشن ڏانهن وڃو

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے