25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نوازشريف ، مريم۽ صفدر جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪندڙ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج پاران ڪيس ٻڌڻ کان معذرت، بئنچ ٽٽي وئي

Lahore High court judge apologized for hearing of appeals against Nawaz Sharif, Maryam and Safdarلاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي لاءِ جوڙيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ جي سربراهه جسٽس شمس محمود مرزا درخواست جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي جنهن سبب بئنچ ٽٽي وئي. جسٽس شمس محمود مرزا اهو معاملو چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي موڪليندي موقف اختيار ڪيو آهي ته هو ذاتي سبب جي بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي. واضح رهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا خلاف درخواست گذار ايڊوڪيٽ اي ڪي ڊوگر  طرفان داخل ڪيل اپيل تي 4 آگسٽ تي جسٽس شمس محمود مرزا جي سربراهي ۾ جسٽس محمد ساجد محمود سيٺي ۽ جسٽس مجاهد مستقيم احمد تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي بئنچ جوڙي وئي هئي. جنهن کي اڄ (8 آگسٽ تي) ٻڌڻي ڪرڻي هئي. درخواست گذار اي ڪي ڊوگر پنهنجي پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته 3 ڀيرا وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ نواز شريف کي نيب جي قانون تحت سزا ڏني وئي، جيڪو ارڙهين ترميم بعد ختم ٿي چڪو آهي. درخواست گذار جو چوڻ هو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي مئل قانون تحت سزا غيرقانوني آهي، انڪري سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. جڏهن ته اڄ بئنچ جي سربراهه جسٽس شمس محمود مرزا جي طرفان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت بعد بئنچ ٽٽي وئي ۽ هاڻ نئين سر سان بئنچ جوڙي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے