26 اربع , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ ڪچين آبادين بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپٽمبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

The Supreme Court adjourned the case for adjourning September 1 for the first week of Septemberاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪچين آبادين ۾ سهولتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپٽمبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ڪچين آبادين ۾ سهولتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪچين آبادين ۾ تمام خراب صورتحال آهي، اقليتن جي عبادت گاهن جون حالتون خراب آهن. چيف جسٽس پلاننگ جي ميمبر کان سوال ڪيو ته حددخلين کي روڪڻ توهان جي ذميداري هئي؟  چيف جسٽس پلاننگ ميمبر کان  هڪ ٻيو سوال ڪيو ته توهان ڪڏهن ان پاسي ويا آهيو؟ اتي حالتون رهڻ جي قابل ناهن، ڪچيون آباديون هڪ ڏينهن ۾ ته نه ٺهيون آهن. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسلام آباد جي ڪچين آبادين ۾ 3 هزار 805 گهر آهن، جنهن تي  چيف جسٽس چيو ته انهن جي ووٽن سان ميمبر بڻجي ويندا آهيو ڪندا ڪجهه ناهيو. عدالت ڪچين آبادين ۾ سهولتن بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سپٽمبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپرا في يونٽ بجلي 1 رپيو 16 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) في …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے