21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد: ايف نائن پارڪ ۾ ڇوڪري سان مبينا زيادتي

Islamabad: The social abuse based on the girl in the Fine Parkاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جا تفريح هنڌ عام شهرين لاءِ غير محفوظ بڻجي ويا، جتي ايف نائن پارڪ ۾ سيڪيورٽي تي مقرر ڪيپيٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي(سي ڊي اي) ملازمن ۽ گارڊ ڇوڪري کي مبينا طور تي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو. مارگلا ٿاڻي جي پوليس موجب متاثر ڇوڪري طرفان درخواست ڏني وئي آهي ته ايف نائن پارڪ جي ملازمن کيس هڪ ڇوڪري سان گڏ ڏسي غير اخلاقي حرڪت جو الزام هنيو ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي. درخواست موجب سي ڊي اي ملازم ڌمڪي ڏني ته پارڪ ۾ ايندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پوليس حوالي ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن اسان سندن ڳالهه نه مڃي ته اسان کي به پوليس جي حوالي ڪيو ويندو. متاثر ڇوڪري موجب ملازمن 2 هزار رشوت وٺي جهنگ واري رستي کان ٻاهر وڃڻ جو چيو، جتي پارڪ ملازم ۽ گارڊ  ٻين ملازمن سامهون زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. متاثر ڇوڪري جي درخواست تي پوليس ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے