23 آچر , سيپٽمبر 2018

پئسي جي زور تي ڪجهه ماڻهن لاءِ ايوان جا در کليل آهن: سراج الحق

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪامياب چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي، پئسي جي زور تي ڪجهه ماڻهن لاءِ ايوان جا در کليل آهن. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته هتي حڪومتون ته تبديل ٿينديون آهن پر عوام جي حالت نه، غريب نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ باوجود پريشان آهن. سندس چوڻ هو ته چونڊن ۾ عوام کي ووٽ وجهڻ نه ڏنو ويو، ڪرپشن ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن، نٿا چاهيون ته اهڙو ڪو واقعو ٿئي، جنهن سان رهيل جمهوريت به ختم ٿي وڃي، اسان کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي. سراج الحق موجب اڃا تائين حڪومت ۽ اپوزيشن جو فيصلو ناهي ٿيو ته ڪير اقتدار ۾ هوندو ۽ ڪير اپوزيشن ۾، هاڻوڪي صورتحال ۾ سياسي پارٽين وٽ اڪيلو جمهوري رستو احتجاج ئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت کي ڳالهيون بحال ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ناڪاري جواب تي مايوسي ٿي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے