19 اربع , سيپٽمبر 2018

احد چيما خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال احد چيما خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب لاهور ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته ڪنهن به ڪنهن جي دٻاءَ ۽ سفارش کان هٽي سمورن ڪيسن جي قانون موجب جاچ ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان جو ڪنهن گروهه، پارٽي يا سياستدان سان ڪو واسطو ناهي، نيب جو ڪم ڪرپشن جو خاتمو آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل نيب لاهور شهزاد سليم چيئرمين کي بريفنگ ڏني. نيب ترجمان موجب فواد حسن فواد، پيراگون سٽي، احد چيما، آشيانا هائوسنگ اسڪيم سميت اهم ڪيسن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته عبدالعليم خان ۽ مونس الاهي جي آف شور ڪمپنين جو به جائزو ورتو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے