19 اربع , سيپٽمبر 2018

ملائشين سندري مس يونيورس نيوزيلينڊ 2018 ۾ پنجين پوزيشن ماڻي ورتي

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۾ ٿيل سالياني حسن جي مقابلي ۾ 27 ورهين جي سندري ايسٽيلي ڪرڊ ”مس يونيورس نيوزيلينڊ 2018“ جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو. ايسٽيلي جو واسطو نيوزيلينڊ سان ئي آهي ۽ هاڻ هوءَ ڊسمبر ۾ بئنڪاڪ ۾ ٿيندڙ مرڪزي مس يونيورس مقابلي ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪندي. مس يونيورس نيوزيلينڊ 2018 ۾ ملائيشيا سان واسطو رکندڙ مسلمان ڇوڪري نورالشمس به حصو ورتو ۽ ان مقابلي ۾ هڪ پنجين پوزيشن حاصل ڪئي. نورالشمس حسن جي عالمي مقابلي ۾ حجاب پائي شرڪت ڪئي هئي ۽ اها مس يونيورس جي مقابلي ۾ حجاب پائي شرڪت ڪندڙ پهرين ڇوڪري بڻجي وئي هئي. مس يونيورس نيوزيلينڊ 2018 ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي نورالشمس جو چوڻ هو ته مون کي مقابلي ۾ حصو وٺي ڏاڍي خوشي ٿي، اهو تجربو مون لاءِ سٺو رهيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے