22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايم ڪيو ايم جو چونڊ نتيجن خلاف اليڪشن ٽربيونل ۽ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻندي اليڪشن ٽربيونل ۽ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻن چونڊ نتيجن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن کان بيلٽ پيپرن جي آڊٽ، ڳڻپ وقت ڪئميرائن ۽ آر ٽي ايس جي بندش جي جاچ جو مطالبو ڪيو. فاروق ستار ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم گهٽ سيٽون ملڻ جو ذميوار نواز شريف ۽ مريم نواز کي قرار ڏيندي چيو ته اڳوڻو وزيراعظم واپس نه اچي ها ته ايم ڪيو ايم کي قربان نه ڪيو وڃي ها، نه ئي وري هڪ نئين پارٽي کي ايترو فائدو پهچايو وڃي ها. سندس چوڻ هو ته نتيجا اچڻ شروع ٿيا، ڪجهه دير کانپوءِ رڪجي ويا هئا، گهڻي دير کانپوءِ نتيجا اچڻ شروع ٿيا ته صورتحال مختلف هئي، پريزائيڊنگ آفيسرن اسان کي اندرين ڪهاڻي ٻڌائي آهي پر خوف سبب شاهدي نه پيا ڏين، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پريزائيڊنگ آفيسر عدالت هلي شاهدي ڏين. ڪنوير نويد جميل چيو ته چونڊن ۾ بيلٽ پيپرن جو غلط استعمال ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن ٿرڊ پارٽي کان بيلٽ پيپرن جي آڊٽ ڪرائي ۽ سمورا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيف جسٽس کان ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ سان محبت ڪيو، مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا: چيف جسٽس

چترال (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے