19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٿرپارڪر: مالي سال 19-2018 لاءِ 57 ڪروڙ 32 لک رپيا بجيٽ منظور

Tharparkar: 57 million rupees approved for the financial year 19-2018ٿرپارڪر ۾ اجلاس ڪوٺائي چيئرمين ضلعي ڪائونسل نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.

ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين غلام حيدر سميجي نئين مالي سال 2018 ۽ 2019 لاءِ 57 ڪروڙ 32 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن دوران ميمبرن بجيٽ يڪراءَ سان منظور ڪئي.

بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين غلام حيدر چيو ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽئڪس نه لڳايو ويوآهي، بجيٽ ٿر جي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.

هن چيو ته هي ادارو ڪافي عرصي کان غير فعال رهيو تنهن ڪري ملازمن جو پگهارون، پينشن ،۽ ٻيون مراعتون 18 سالن کان رهيل هيون.

ان موقعي تي وائيس چئيرمين ضلعي ڪائونسل ڪرني سنگهه سوڍو ، ضلعي آفيسرن، ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن حاجي ڦوٽو بجير. ڊاڪٽر رڻجيت سوٽھڙ ۽عبدالغني کوسو سميت ٻين شرڪت ڪئي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pithoro: Disabled man and woman work as laborer but never beg

نيوز: پٿورو: معذور جوڙو هٿ ٽنگڻ بدارن محنت مزدوري ڪري گهر جي چلهه ٻاري ٿو

* پٿوري جو معذور جوڙو سرندي وارن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدارن محنت مزدوري ڪري گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے