25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

فردوس عاشق اعواڻ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 72 سيالڪوٽ تان تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مامون رشيد شيخ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ طرفان ن ليگ جي چوڌري ارمغان جي فتح خلاف داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اين اي 72 سيالڪوٽ ۾ ن ليگ جو چوڌري ارمغان هڪ لک 29 هزار 41 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته درخواست گذار 91 هزار 392 ووٽ حاصل ڪيا. درخواست ۾ چيو ويو هو ته تڪ ۾ 7 هزار 15 ووٽ رد ٿيا، جڏهن ته فارم 45 جون ڪاپيون به پولنگ ايجنٽن کي نه ڏنيون ويون. درخواست ۾ الزام مڙهيو ويو ته ن ليگ جي ورڪرن زبردستي پولنگ اسٽيشنز اندر داخل ٿي پنهنجي اميدوار کي ووٽ ڏياريا، جنهن سبب رٽرننگ آفيسر کي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني وئي، جيڪا رد ڪئي وئي، درخواست آهي ته عدالت تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين مخالف اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم نيڪٽا جي ڪردار جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان نيڪٽا جي ڪردار جي جائزي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے