19 اربع , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ڪميشن نون چونڊيل اسمبلي ميمبر جي ڪاميابيءَ  جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

The Election Commission released the notification of the new elected member's memberاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان 2018 جي عام چونڊن بعد نون چونڊيل اسمبلي ميمبرن جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب اميدوارن جي ڪاميابي جا سمورا نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تي جاري ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب عدالتن طرفان روڪيل نوٽيفڪيشن جاري ناهن ڪيا ويا. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب 4 آگسٽ تائين چونڊن جي خرچ جا تفصيل ملڻ بعد اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا. ڪامياب اميدوارن جي نوٽيفڪيشن بعد آزاد اميدوارن کي 3 ڏينهن اندر ڪنهن به سياسي پارٽي جو حصو بڻجڻو  پوندو. 8 آگسٽ جي سياسي پارٽي جي ترجيحي فهرستن موجب عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. شيڊول موجب 9 آگسٽ تائين قومي ۽ صوبائي اسمبلين جي سمورين ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا. جنهن بعد ملڪ جو صدر قومي ۽ چئني صوبائي اسمبلين جي اميدوارن جو اجلاس طلب ڪندو. پهرين اجلاس ۾ چونڊيل ميمبر پاڻ حلف کڻڻ کانسواءِ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، قائد ايوان(وزيراعظم) جي چونڊ ڪندا. ياد رهي ته غير سرڪاري نتيجن موجب قومي اسمبلي ۾ تحريڪ انصاف 116، مسلم ليگ ن 64. پيپلز پارٽي 43 ايم ايم اي 12 سيٽن سان گڏ نمايان آهن جڏهن ته 13 آزاد اميدوار پڻ حڪومت سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے