19 اربع , سيپٽمبر 2018

آمريڪي عدالت  ٻڌڻي دوران جج جوابدار جي لاڳيتو ڳالهائڻ تان تنگ ٿي سندس منهن ٽيپ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

During the American court hearing, Judge ordered his face-tapping to tighten the talk of the respondent's concernsاوهائيو(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست اوهائيو ۾ عدالتي ڪاروائي دوران جج جوابدار جي لاڳيتو ڳالهائڻ تان تنگ اچي سندس منهن تي ٽيپ لڳائڻ جي سزا ڏئي ڇڏي. ويجهڙائي ۾ اوهائيو ڪليولينڊ ۾ اغوا ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ چوري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران 32 ورهين جي جوابدار فرينڪلن وليم چپ ڪري نه ويٺو ۽لاڳيتو ڳالهائيندو رهيو. ان موقعي ته جج جون روسو جوابدار کي حڪم ڏنو ته هو چُپ ڪري ويهي ۽ ان وقت وضاحت پيش ڪري جڏهن کائنس سوال ڪيو وڃي.پر جوابدار وليم هڪ نه ٻڌي جواب ڏنو ته مان ڪيئن چُپ ڪري ويهان ، هي منهنجو ڪيس آهي منهنجي سزا جو معاملو آهي. جج هڪ ڀيرو ٻيهر کيس چيوته بنا اجازت ڳالهائڻ تي پابندي آهي، مان توهان جا دليل به ٻڌندس پر هن وقت توهان چُپ ڪري ويهو. پر ان باوجود جوابدار وليم پنهنجي ڳالهه جاري رکي، جنهن جج تنگ ٿي ڪري حڪم ڏني ته ڪير سندس منهن تي ٽيپ لڳائي، جنهن بعد پوليس آفيسرن جوابدار جو منهن ٽيپ هڻي بند ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي بعد جوابدار جو چوڻ هو ته سندس  منهن تي ٽيپ هڻي ساڻس زيادتي ڪئي وئي آهي. جوابدار جي منهن تي ٽيپ لڳل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي واهپيدارن تبصرا ڪندي چيو ته اها ناانصافي آهي ۽ جوابدار کي پنهنجي راءِ جي اظهار کان محروم ڪرڻ تي جج کي سزا ڏني وڃي.جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ هو ته جوابدار وليم کي جج روسو جي حڪم تي عمل ڪرڻ گهرجي ها، کيس حڪم ڏيڻ جو حق حاصل هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے