19 اربع , سيپٽمبر 2018

سوشل ميڊيا تي ڌم مچائيندڙ عارف پينٽر، ڳائڻي آئمه بيگ سان گڏ پرفارم ڪندو

The fascinating social media on the media will perform with Arif Panther, singer Iam Begڪراچي(شوبز نيوز) فنڪار ڀلي ڪير به هجي، جيڪڏهن ان ۾ ٻين کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ته ته پوءِ کيس اڳتي وڌڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي. سوشل ميڊيا تي اڄ ڪلهه عارف نالي هڪ پينٽر جا چرچا آهن، جنهن جي سُريلي آواز ٻڌندڙن کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ويجهڙائي ۾ فيسبڪ تي ”اڪبر ٽوئيٽ“ نالي هڪ پيج تان عارف جي لائيو ويڊيو شيئر ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هو هڪ گهر ۾ ڀتن کي پينٽ ڪندي پنهنجي آواز ۾ سُريلا گيت ڳائي رهيو هو. اها ويڊيو تيزي سان وائرل ٿي ۽ هر هنڌ عارف جي آواز جا چرچا ٿيڻ لڳا. ۽ هاڻ عارف 13 آگسٽ تي لاهور ۾ ڳائڻي آئمه بيگ سان گڏ فن جو مظاهرو ڪندو، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ عارف ٻڌايو ته کيس گلوڪاري جو تمام گهڻو شوق آهي، هو گذريل 12 ورهين کان گيت ڳائي رهيو آهي، ۽ سندس خواهش هئي ته کيس پنهنجو ٽيلنٽ ڏيکارڻ لاءِ باقاعدا پليٽ فارم ملي. پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته هو ڪراچي کان پينٽ جي ڪم سانگي اڪبر ڀائي جي گهر روالپنڊي ويو هو، جتي مان ڀتن تي رنگ ڪرڻ سان گڏ گيت ڳائي رهيو هئس، ان دوران اڪبر ڀائي کي منهنجي آواز تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هن منهنجي ويڊيو ٺاهي ورتي.عارف ٻڌايو ته اڪبر ڀائي مونکي ٻڌايو  هو ته هو ويڊيو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري رهيو آهي ته جيئن منهنجو ٽيلنٽ سامهون اچي. هن چيو ته هو تمام جلد لاهور ۾ 13 آگسٽ جي رات ڳائڻي آئمه بيگ سان گڏ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو. ان موقعي هن پنهنجي سُريلي آواز جو جادو جاڳايو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے