17 جمعو , آگسٽ 2018

گوگل پاران نئون اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم”پائي“ متعارف

Introduces the new Android operating system "Pie" by Googleڪراچي(ويب ڊيس) گوگل پنهنجو نئون موبائل آپريٽنگ سسٽم اينڊرائيڊ پي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کي آفيشيلي طور تي ”پائي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهو نالو ڪو نئون نه آهي ڇو ته انگريزي ٻولي ۾ پي کان وڌيڪ مٺا کاڌا موجود ناهن جڏهن پائي ته سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ رکندڙ ميٺو پڪوان آهي. گوگل طرفان نئين اينڊرائيڊ 9.0 جي نالي جو اعلان سومر واري رات ڪيوويو آهي جنهن سان گڏ ان کي  شروعاتي طور ريليز  پڻ ڪيو ويو آهي. ڪمپني موجب اينڊرائڊ پائي باقاعدا طور تي واهپيدارن تائين پهچائڻ جو سلسلو پڪسل فونز کان شروع ٿيندو ۽ ٻين ڪمپنين جي ڊيوائسز ۾ اهو سال جي پڄاڻي تائين دستياب ٿي ويندو. هلندڙ سال مارچ کان اهو آپريٽنگ سسٽم بيٽا ورزن ۾ دستياب هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي نون فيچرن جو واڌارو ڪيو پيو وڃي جن ۾ پرسنلائزيشن فيچرز، بيٽري سيونگ ايڊجسٽمنٽ ۽ اهڙا ٽولز جيڪي فون تي گذاريل وقت کي ٽريڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. جڏهن ته سڀ کان وڏي تبديلي نئون نيوي گيشن سسٽم آهي ۽ اهو پهريون آپريٽنگ سسٽم آهي جنهن ۾ اپ ڊيٽس کي نئين سمارٽ ڊيزائن کي نظر ۾ رکندي متعارف ڪرايو ويو آهي جهڙوڪ ڊسپلي نوچ ۽ ايج ٽو ايج اسڪرينز وغيرا گوگل ان تبديلين کي نيوي گيشن جي ڪنٽرول موجب ڪيو آهي ان ۾ نئون gesture سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، هوم بٽڻ ته موجود آهي پر بيڪ بٽڻ کي نئون ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايپ سوئچنگ جي بٽڻ جي ضرورت ختم ڪئي وئي آهي. ان جي جاءِ تي هاڻ سوائپ جي ذريعي ڄاڻي سگهندا ويجهڙائي ۾توهان ڪهڙي ايپ کي استعمال ڪيو آهي، بلڪل آئي فون ايڪس جيان، ان آپريٽنگ سسٽم جو بيٽا پروگرام اڱاري(اڄ) ڏينهن کان پيش ڪيوويو آهي جنهن کي پڪسل سمارٽ فون استعمال ڪندڙ گوگل جي بيٽا پروگرام تي سائن اپ ڪري حاصل ڪري سهگن ٿا

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fifty years of Facebook's Facebook traffic decreased by 50 percent in two years

ٻن ورهين دوران فيسبڪ جي ٽريفڪ انگ ۾ 50 سڪيڙو گهٽتائي: رپورٽ

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مشهور سوشل ميڊيا ويب سائٽ” فيسبڪ“ جي مقبوليت جو گراف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے