23 آچر , سيپٽمبر 2018

پريانڪا چوپڙا آمريڪي راڳي سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا؟

Parishanka Chopra has overturned the relationship with the US?ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونس جي جلد شادي  واريون خبرون ڪافي عرصي کان گردش ڪري رهيون آهن پر ادڪارا منڊي لاهي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب باليووڊ ۾ جنگلي ٻليءَ جي نالي سان مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي راڳي نڪ جونس جي وچ ۾ گهاٽي دوستي جا چرچا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ميڊيا جي زينت بڻيل هئا جنهن جي راڳي نڪ جونس پاڻ تصديق ڪئي هئي. رپورٽن موجب باليووڊ اداڪارا نڪ جونس جي ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪري جڏهن ڀارت واپس آئي ته ايئرپورٽ تي موجود فوٽوگرافر سندس تصويرون وٺڻ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. اداڪارا جيئن فوٽو گرافرن کي ڏٺو ته پنهنجي هٿ ۾ پاتل منڊي فوري طور تي لاهي ڇڏي جنهن بعد اتي موجود سڀئي حيران ٿي ويا جڏهن ادڪارا جا تاثر پڻ ان وقت ڪجهه ٺيڪ نه هئا. هاڻ ته اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته هن ائين ڇو ڪيو يا واقعي ڪا ٻي ڳالهه آهي. واضح رهي ته ٻنهي جي ملاقات گذريل سال ميٽ گالا ۾ ٿي هئي جتي ٻنهي ڄڻن گڏجي ريڊ ڪارپيٽ تي جلوا ڏيکاريا هئا جڏهن ته راڳي اداڪارا کان عمر ۾ پورا ڏهه ورهيه ننڍو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے