16 خميس , آگسٽ 2018

اظهار جي آزادي جو سوال

پاڪستان جهڙي ٽين دنيا جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ميڊيا تي سينسرشپ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڇو جو هن ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن بدران اڻ چونڊيل حڪومتن يا ائين کڻي چئجي ته آمريتن جو ڳچ عرصو راڄ رهيو آهي، آمريت جيئن ته هوندي ئي فرد واحد جي حڪمراني آهي، تنهن ڪري ان فرد واحد يا سندس ارد گرد موجود آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ۾ سچ ٻڌڻ ۽ حقيقتن کي برداشت ڪرڻ جي سگهه گهٽ هوندي آهي.

انهن دورن ۾ ميڊيا ۾ ڇپجڻ يا نشر ٿيڻ کان اڳ ئي گهڻيون شيون مقتدر حلقن جي اڳيان گذرنديون آهن، ۽ پوءِ جن جي اتان منظوري ملي سا ڇپجي نظر اچي سگهندي آهي، جن جي اجازت نه ملندي آهي يا سينسر ٿي ويندي آهي، آمريتن ۾، فرد واحد جي حڪمرانين ۾ جيئن ته بنيادي انساني حق ۽ آئين معطل هوندو آهي تنهن ڪري، انسانن جا بنيادي حق، راءِ جي اظهار جي آزادي، پريس جي آزادي، يعني آئين ۾ عوام کي مليل سڀ حق به حاصل ٿي ويندا اهن، اهڙا حق معطل ٿيڻ، انساني آزاديون ختم ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي، وڪيل، سياسي ڌريون، اديب، دانشور، مطلب ته سماج جا سڀ طبقا اٿي کڙا ٿيندا آهن ۽ جدوجهد ڪندا آهن، آمريتن خلاف ايم آر ڊي ذريعي جدوجهد هجي يا اي آر ڊي ذريعي، اها هر ڪنهن جي سامهون آهي.

پر ميڊيا تي سينسرشپ جڏهن اهڙي وقت ٿئي، جنهن وقت ملڪ ۾ آمريت نه پر چونڊيل حڪومت هجي، يا چونڊيل حڪومت واسطي عام چونڊون ڪرائڻ جي مقصد سان قائم نگران حڪومت هجي، اهڙي وقت ميڊيا جي بدترين سينسرشپ هر ماڻهوءَ لاءِ تعجب جي ضرور ڳالهه بڻجي وڃي ٿي، هيءَ جيئن معلومات تائين رسائيءَ جي حق کي ڄاڻي واڻي شهرين کان پري پئي رکيو ويندو رهيو آهي تيئن اظهار جي آزاديءَ لاءِ رڪاوٽون، پريس جي آزادي کي روڪڻ، معلومات جي ماڻهن تائين نه پهچڻ، حقيقتون لڪائي من گهڙت بيانيو ماڻهن تائين پهچائڻ جي تاريخ ۾ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري پراڻي هن ملڪ جي تاريخ آهي.

پاڪستان اندر موجوده ڏهاڪي ۾ ميڊيائي کيتر ۾ جيڪا جوت آئي آهي، تنهن معلومات جي هر ماڻهو ۽ ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رسائي آسان بڻائي ڇڏي آهي، مثال طور هڪ ته هن ڏهاڪي ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ئي چينلن جي جيڪا پهچ آئي آهي، تنهن جي ذريعي هر معلومات جو هر هنڌ پهچڻ فوري ۽ سهنجو ٿيو آهي، نه رڳو پاڪستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، پر دنيا جي به پَلَ پَلَ جي خبر به هڪ لحظي ۾ ماڻهن تائين پهچيو ٿي وڃي، اليڪٽرانڪ ميڊيا، سوشل ميڊيا يعني واٽس ايپ، ٽوئيٽر، فيس بوڪ، ميسنجر، انسٽاگرام مطلب ته سوشل ميڊيا جي سڀني پروگرامن ذريعي هر معلومات هڪ ته عوام تائين پهچڻ /پهچائڻ آسان ٿي وئي آهي، ٻيو ته دنيا کي به هر خبر پئجي رهي آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي ۽ ڪٿي ڇا ٿي رهيو آهي.

ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته ميڊيا جون به ذميواريون آهن، ان کي ذميواريءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ گهرجن، بدقسمتيءَ سان اسان جي دور ۾ مشرفي آمريت کانپوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي شعبي ۾ جيڪا ٻوڏ آئي آهي، هنڌان هنڌان جيڪي خبرن جا ۽ تفريح جا ٽي وي چينل ڦٽي نڪتان آهن، تن ۾ عملي ۾ ايتري قدر جو انتظاميا ۾ به پيشور تربيت جو شديد فقدان ڏٺو ويو آهي، مثال طور بريڪنگ نيوز ۽ رپيٽنگ جي چڪر ۾ بنا تصديق جي خبر هلائي ڇڏڻ صحافت جي بنيادي اصولن جي شديد ڀڃڪڙي آهي، ائين ڪري ان اصول ته ڪا به خبر ڇپجڻ/نشر ڪرڻ کان اڳ ان جي هڪ نه پر ٻه يا ٽي ڀيرا تصديق ڪئي وڃي ۽ پڪ ٿيڻ کانپوءِ اها خبر ڇاپي /نشر ڪئي وڃي، ان اصول تي جي مڪمل عمل ٿئي ها ته اسان جي ملڪ ۾ ميڊيا جي ڪردار تي، ان جي غير جانبدار هئڻ تي، ان جي سچو هئڻ تي جيڪي آڱريون کڄي رهيون آهن، سي نه کڄن ها.

اسان وٽ جي جانبدار (subjective) بدران غيرجانبدار (objective) صحافت جي اصولن تي هلبو وڃجي ها ته پابندين باوجود ميڊيا ئي کيتر ۾، پريس جي آزاديءَ ۾ شايد هي ملڪ گهڻو اڳتي هجي ها، گهڻو پري ڇو وڃجي، 25 جولاءِ 2018ع وارين عامُ چونڊن کان اڳ، چونڊن دوران ۽ چونڊن کانپوءِ واري ماحول جو ئي جائزو وٺجي ته چڱي ريت خبر پئجي ويندي ته ڪهڙو اينڪر ڪهڙي پاسي آهي ۽ ڪهڙي چينل جي ڪهڙي پاليسي آهي.

سو اهڙي صورتحال ۾ جڏهن مختلف ٽي وي چينلن حالتن کي حقيقت جي اک سان ڏسندي واقعن ۽ حالتن کي جيئن جو تيئن رپورٽ ڪرڻ بدران هر ڪنهن جون پنهنجون اوليتون هجن ۽ اهڙو ماحول هجي جنهن ۾ ٻار به سمجهي ته ڪهڙو چينل ڪهڙي پاسي بيٺل آهي ۽ ڪهڙو اينڪر ڪنهن جي ڌر آهي ته اهڙي صورت ۾ طاقت جي اصل مرڪز، جو درجو رکندڙ ڌرين لاءِ ميڊيا کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي، جيڪو آسانيءَ سان اڄ ڪلهه ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ئي ميڊيا جو آواز دٻائي ڪو به ملڪ نه ته ڪڏهن ترقي ڪري سگهي ٿو نه ئي وري دنيا جي قومن ۾ باوقار نموني داخل ٿي سگهي ٿو، اظهار جي آزاديءَ جي رستا روڪ، پريس جي آزاديءَ اڳيان رڪاوٽن سان قطعي طور سهپ ۽ برداشت وارو معاشرو اڏي نه ٿو سگهجي، جيتري وڌيڪ رستا روڪ ٿيندي، جيتري شدت سان انساني حق معطل ٿيندا، جيترو پريس کي ڪم کان روڪيو ويندو، اوترو ئي انتهاپسندي ۽ عدم برداشت پاڙون پختيون ڪندي، اها انتهاپسندي جنهن سماج کي اڳ ئي نهوڙي وڌو آهي، امن کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو آهي.

سو چوڻ جو مطلب ته ميڊيا تي سينسرشپ جا نه اڳ ڪي سٺا نتيجا نڪتا آهن، نه آئينده نڪرندا، چاهي اها سينسرشپ پاڻمرادي هجي يا ڪنهن ٻئي جي طرفان ٿاڦيل ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، تنهن جي خبر چار رکڻ هن ملڪ جي ماڻهن جو بنيادي حق آهي، اهڙي خبر چار کان پنهنجي ماڻهن کي آگاهه رکڻ وري ميڊيا جي پيشور ذميواري آهي، جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، جيڪي واقعا جنم وٺن پيا، تنهن جا سماجَ تي ۽ ملڪ تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ان جو مختلف رخن کان جائزو وٺڻ وري اينڪرن، تجزيي نگارن ۽ تبصري نگارن جو پيشور فرض آهي، اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ سان جيڪو بحث جنم وٺندو، تنهن سان هڪ مثبت معاشري جي اڏاوت ۾ مدد ملندي، ملڪ مان خرابيون ختم ڪري چڱاين ڏانهن وڌڻ جي راهه هموار ٿيندي، پر اهو سڀ جيڪي نه ٿيندو يا ٿيڻ ڏيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي ته هيءُ ملڪ ۽ معاشرو اڳتي وڌڻ بدران ويتر پٺتي اونداهي دور ڏانهن هليو ويندو، جيڪو ڪنهن به طرح ملڪ ۽ معاشري جي مفاد ۾ ناهي، سو ميڊيائي سينسرشپ جا به سماج تي ڪي مثبت نه پر ناڪاري اثر ئي پوندا.

اڱارو 7 آگسٽ 2018ع، 24 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي ماڻهن کي صحت مند، سرسبز ۽ سُکي ستابي سنڌ گهرجي

25 جولاءِ تي عام چونڊن کانپوءِ وفاق توڙي صوبن ۾ نيون حڪومتون ٺهڻ جو عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے