20 خميس , سيپٽمبر 2018

ليکڪا اسماءَ نيبل ڪاجول لاءِ گيت لکي ڇڏيو

Writers scroll the song for the asma nabeel ڪراچي(شوبز) مشهور ڊراما ليکڪا اسماءَ نبيل باليووڊ فلمن لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. اسماءَ نبيل ”خاني“ ڊرامي جي شاندار ڪاميابي بعد باليووڊ فلم”هيلي ڪاپٽر ايلا“ لاءِ هڪ گيت لکيو آهي جيڪو باليووڊ جي سينيئر اداڪارا ڪاجول تي فلمايو ويو آهي. اسماءَ نبيل ان حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائٽ فيسبڪ تي مداحن کي آگاهه ڪيو ته هن پهريون ڀيرو ڀارتي فلم لاءِ گيت لکيو آهي جيڪو سندس پسنديدا ادڪارا ڪاجول تي فلمايو ويو آهي. هن گيت جي هڪ سيٽ پڻ” تو گيا تو رڪي ساري سانسين، مر ڀي جائين تو اب نهين ڪوئي غم” لکي ۽ ان کي هڪ جذباتي لمحو قرار ڏنو. ان کانسواءِ هن فلمساز پرديب سرڪار ۽ پنچالي سرڪار جا ٿورا پڻ مڃيا، جن کيس فلم جو گيت لکڻ جو موقعو مُهيا ڪيو. فلم”هيلي ڪاپٽر ايلا“ جي ڪهاڻي هڪ اهڙي ماءُ جي چوڌاري گهمندي آهي، جيڪا پنهنجي پٽ جي اڪيلي سر پرورش ڪندي آهي، ان فلم ۾ ماءُ پٽ جي وچ ۾ دوستي، تڪرار، جذبات ۽ انهن جو خوبصورت رشتو ڏسي سگهجي ٿو. فلم جي مرڪزي ادڪارا ڪاجول آهي جيڪا ماءُ  ۽ ڳائڻي جو ڪردار ادا ڪندي جڏهن اداڪارا نيها ڌوپيا مددگار ڪردار ۾ ادڪاري جا جوهر ڏيکاريندي.فلم جي ٽريلر کي مداحن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي،  فلم هلندڙ سال 7 سپٽمبر تي سينما گهرن ۾ نمائش پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے