21 جمعو , سيپٽمبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ جو خواجا آصف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ن ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيو. تفصيل موجب عدالت اين اي 73 تان عثمان ڊار جي درخواست تي حڪم جاري ڪندي خواجا آصف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيو. عدالت طرفان اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ 8 آگسٽ تي جواب طلب ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عثمان ڊار اين اي 73 سيالڪوٽ تان خواجا آصف جي ڪاميابي چيلينج ڪندي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست داخل ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے