19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٿر ۾ برساتون نه پوڻ سبب ڏڪار واري صورتحال، ماروئڙا لڏپلاڻ تي مجبور

Due to lack of rainfall in Tharparkar, Marwes forced to migrateٿر ۾ برساتون نه پوڻ سبب ڏڪار واري صورتحال ٿي وئي.

ڪاري سون سان مالامال ۽ پٺتي پيل ٿرپارڪر ۾ پاڇاٽيون برساتون نه وسڻ سبب ڏڪاري حالتون ڪر کڻڻ لڳيون، برساتون نه پوڻ سبب 15هين آگسٽ تي پاڻمرادو ڏڪار ڊڪليئر ٿي ويندو.

برساتون نه پوڻ ڪري چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو، اناج جي کوٽ سبب لکين غريب خاندان لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن، پر هن ڀيري حڪومت ڌيان نه ڌريو.

ڪڻڪ ورهاست جي نگران حڪومت واري اعلان تي به عمل نه ٿي سگهيو، ڪڻڪ جو هزارين ٻوريون گدامن ۾ پيل آهن.

ڏڪاري حالتن سبب هزارين ماڻهن چوپائي مال کي بئراجي علائقن ڏانهن ڪاهي وڃڻ لڳا، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ سوين کوھ سڪي کارا ٿي ويا،مسلسل چئن ورهين کان گهربل برساتون نه پوڻ  سبب جر سڪي کارو ٿيڻ لڳو.

ٿر ۾ 16لک انسان،80 لک چوپايو مال ۽ لکن جي تعداد ۾ جهنگلي جانور،مور پکي برسات جي آس ۾ پياسا آهن،چوپايو مال بکون ڪاٽڻ تي مجبور هجڻ ڪري غريب مالوندن ڀڳڙن مُٺ عيوض ڍور وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے