25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پابنديون لاڳو ڪري آمريڪا پاڻ دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران چيو آهي ته پابنديون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. ايراني پرڏيهي وزير خواد ظريف صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا طرفان سخت رويي ۽ سياسي دٻاءَ جي استعمال سان ايران کي ڪجهه پريشاني ٿيندي پر ان سان آمريڪا پاڻ عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو آهي. واضح رهي ته سڀاڻي کان آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران تي پابنديون مڙهي رهيو آهي. 2015ع ۾ طئي ٿيل جوهري معاهدي کانپوءِ ايران تي لاڳو آمريڪي پابندين ۾ نرمي ڪئي وئي هئي پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اها ڊيل ختم ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے