22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سعودي حڪومت طرفان ڪينيڊين سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ڪينيڊين سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته رياض حڪومت اوٽاوا ۾ مقرر سعودي سفير کي پڻ واپس گهرائي ورتو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي تڪرار جو سبب ڪينيڊين پرڏيهي وزير ڪرسٽيا فري لينڊ جو اهو ٽوئيٽ بڻيو، جنهن ۾ هن انساني حقن جي ڪارڪن ثمر بدوي ۽ نسيما السادا جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو، جن کي گذريل هفتي گرفتار ڪيو ويو هو. سعودي پرڏيهي وزارت موجب اها ملڪي معاملن ۾ حد کان وڌيڪ ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳي مداخلت آهي. رياض حڪومت ڪينيڊا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري منصوبا به معطل ڪري ڇڏيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے