23 آچر , سيپٽمبر 2018

سڄي دنيا گهمي ڏٺي پر جنت جهڙي ڪشمير جو ڪو مَٽ ناهي: شهزاد راءِ

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري پاڪستاني ڳائڻي ۽ سماجي ڪارڪن شهزاد راءِ چيو آهي ته مان سڄي دنيا گهمي آهي پر جنت جهڙي ڪشمير جو ڪو به جواب نه آهي. شهزاد راءِ نه رڳو بهترين ڳائڻو آهي پر هن سماجي خدمتن لاءِ پڻ ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته سياحت جو به شوق رکي ٿو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي خوبصورت جاين جو سير ڪري چڪو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق شهزاد راءِ پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته هن دنيا جي مختلف خوبصورت جاين جو سير ڪيو آهي، جڏهن ته ڪشمير جي ڳوٺ آرانگ ڪيل کان وڌيڪ دنيا جي ڪابه جاءِ خوبصورت نه آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ جا موقعا موجود آهن. شهزاد راءِ جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان سان بيحد محبت ڪري ٿو، پاڪستان ۾ قدرت جا ڪيترائي خزانا موجود آهن جن کي استعمال ڪري اسان پرڏيهي قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے