25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيب آفيسر ۽ اهلڪار چهري بدران ڪيس تي ڌيان ڏين: جسٽس (ر) جاويد اقبال

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب آفيسر ۽ اهلڪار چهري بدران ڪيسن تي ڌيان ڏين. جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب لاهور آفيس جو دورو ڪيو، جتي کيس ڊي جي نيب ميگا ڪرپشن جي ڪيسن تي بريفنگ ڏني. نيب آفيس ۾ خطاب ڪندي جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته سپريم ڪورٽ جا موڪليل ڪيس مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيا وڃن، ڪيسن بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين. هن هدايت ڪئي ته ميگا ڪرپشن ڪيسن کي جلد کان جلد انجام تائين پهچايو وڃي ۽ بدعنوان عنصرن کان عوام جو ڦريل ناڻو واپس ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايو وڃي. سندس چوڻ هو ته نيب آفيسر ۽ اهلڪار چهري بدران ڪيسن تي ڌيان ڏين، بدعنواني هڪ ناسور آهي، ان جو خاتمو ضروري آهي. نيب چيئرمين چيو ته 9 مهينن ۾ لڳ ڀڳ 2200 ملين رپيا بدعنوان عنصرن وٽان هٿ ڪيا ويا ۽ رقم متاثرن کي واپس ڪئي وئي، جڏهن ته 300 بدعنوان عنصرن کي گرفتار ڪري ريفرنس به داخل ڪيا ويا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے