19 اربع , سيپٽمبر 2018

نقيب الله قتل ڪيس: مقتول جي پيءُ جو اي ٽي سي جج تي عدم اعتماد جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. نقيب الله قتل ڪيس جي منتقلي بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار جي وڪيل ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي چيو ته عدالت درخواست ٻڌڻي هيٺ هجڻ باوجود رائو انوار کي ضمانت ڏني. نقيب الله جي پيءُ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي ڪا درخواست نه ٻڌي وئي، ڪيس ڪنهن ٻي عدالت منتقل ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست تي گهرو کاتي، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے