17 جمعو , آگسٽ 2018

ايپل جو ڊبل سم آءِ فون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ)  آمريڪي ٽيڪنالاجي رکندڙ فرم ”ايپل“ چيني واهپيدارن لاءِ ڊبل سم آءِ فون سيٽ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻن سمن واري اها آءِ فون رڳو چين تائين محدود هوندي. ڊوئل سم سسٽم کي آءِ فون نائن ۾ شامل ڪيو ويندو، ايل سي ڊي اسڪرين سان گڏ ان جي سائز 6.1 انچ هوندي. حيرت ڏياريندڙ ڳالهه اها آهي ته ان نئين ڊبل سم آءِ فون جي قيمت گهٽ رکي وئي آهي. ان بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪمپني يقين رکي ٿي ته اهو سيٽ وڏي انگ ۾ وڪرو ٿيندو. ايپل آءِ فون ايٽ ۽ آءِ فون 10 اڳ ئي دنيا ۾ رليز ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته آءِ فون نائن نه اچڻ تي سوال اٿاريا ويا هئا. ڪمپني موجب ڊوئل سم واري سمارٽ فون کي ڊوئل سلائيڊ اسٽينڊ باءِ موڊ سسٽم سپورٽ ڪندو آهي، ان سيٽ ۾ هڪ ئي وقت ٻه سمون استعمال ڪري سگهجن ٿيون. واهپيدار کي اها سهولت به هوندي ته اهو پاڻ هڪ کان ٻي سم تي وڃي سگهندو پر ماهرن موجب ان جو هڪ نقصان اهو هوندو ته بيٽري جلد ختم ٿي ويندي. ڪمپني اهو سيٽ هلندڙ سال ئي تيار ڪري واهپيدارن تائين پهچائڻ جي خواهشمند آهي. مالياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايپل جي ڊبل سم آءِ فون پويان چيني واهپيدارن جي اها مارڪيٽ آهي، جيڪا ڊبل سم واري فون استعمال ڪندي آهي. محتاط اندازي موجب چين ۾ اهڙا واهپيدارن جو انگ 30 کان 40 سيڪرو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fifty years of Facebook's Facebook traffic decreased by 50 percent in two years

ٻن ورهين دوران فيسبڪ جي ٽريفڪ انگ ۾ 50 سڪيڙو گهٽتائي: رپورٽ

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مشهور سوشل ميڊيا ويب سائٽ” فيسبڪ“ جي مقبوليت جو گراف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے