17 جمعو , آگسٽ 2018

پکي سامهون سمهڻ صحت لاءِ نقصانڪار قرار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته پکي سامهون سمهڻ سان صحت کي نقصان پهچي ٿو. برطانيا سان واسطو رکندڙ ننڊ جي ماهر مارڪ ريڊيڪ موجب پکو پنهنجي ارد گرد موجود شيون هوا ۾ پکيڙيندو آهي، جنهن سبب صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن، تنهن ڪري پکي اڳيان سمهڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ پکي سبب ڪمري ۾ پد به تبديل ٿي ويندو آهي، جيڪو پڻ صحت لاءِ نقصانڪار آهي.  سندس چوڻ هو ته پکي سامهون گهڻي دير تائين ويهڻ يا سمهڻ سان الرجي جهڙا مسئلا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪي مختلف بيمارين کي جنم ڏئي سگهن ٿا، اهڙي ريت پکي سبب انساني چمڙي به مستقل طور خشڪي جو شڪار ٿي ويندي آهي. ماهرن صلاح ڏني آهي ته پکي سامهون سمهندڙ ماڻهو ڪپهه جو هنڌ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ان سان گڏوگڏ انهن کي وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The hottest sleeping habit causes death before time: research

تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ واري عادت وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي ٿي: تحقيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو روزاني 9 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے