19 اربع , سيپٽمبر 2018

آر ٽي ايس ناڪام ڇو ٿيو؟ تحريڪ انصاف طرفان جاچ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چونڊ نتيجن جي ڏينهن زرلٽ ٽرانسميشن سسٽم ناڪام ٿيڻ جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب سينيٽر اعظم سواتي آر ٽي ايس جي ناڪامي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ آر ٽي ايس سسٽم جي ناڪامي جي سببن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اهو به چيو ويو آهي ته آر ٽي ايس سسٽم جي ناڪامي جي ذميوارن جو پتو لڳائي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن ڪابينا ڊويزن کان معاملي جي جاچ جو تحريري طور مطالبو ڪري چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے