23 آچر , سيپٽمبر 2018

سلمان خان کي پرڏيهه وڃڻ لاءِ عدالتي اجازت لازمي

Panthers accused Salman Khan of making mental violenceممبئي (شوبز نيوز) جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ جي غير قانوني شڪار ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ ڀيرو ٻيهر سلمان خان پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته سلمان خان کي هر ڀيري پرڏيهه وڃڻ کان اڳ اجازت وٺڻي پوندي. بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان ڀارتي رياست راجسٿان جي علائقي جوڌپور جي مقامي عدالت ۾ ڪاري هرڻ جي غير قانوني شڪار جو ڪيس 1998ع کان هلي رهيو آهي ۽ ڪجهه مهينا اڳ ئي سلو ميان کي 5 سال جي قيد ۽ 10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته کيس رڳو 2 ڏينهن جيل ۾ گذارڻ کانپوءِ ضمانت ملي وئي هئي. عدالت کيس پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. ان کانپوءِ سلمان خان پنهنجي فلم ريس ٿري جي پرڏيهه شوٽنگ جي لاءِ عدالت کان گهري هئي، جنهن تي عدالت کيس پرڏيهه وڃڻ تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي دبنگ اداڪار آمريڪا جو ٽوئر به ڪيو، جتي هن مختلف پروگرامز ۾ پرفارم ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے