19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: سن: ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻن عورتن سوڌو 3 فوت، 2 ڄڻا زخمي

Sann: Two women were killed in two separate incidents in the accidentسن ڀرسان ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻن عورتن سوڌو ٽي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

راڄڙي اسٽاپ انڊس هاءِ وي تي سيوهڻ کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار ڪار سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثي بعد ٽرڪ ڊائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس حادثي واري ٽرڪ تحويل ۾ ورتي.

اطلاع تي مقامي ماڻهو صحت کاتي جا عملدار واقعي واري هنڌ پهچي هڪ ڪلاڪ جي امدادي ڪاررواين بعد لاش ڪڍي اسپتال آندا.

فوتين ۾ حيدرآباد جي گاڏي کاتي جو فرخ بابر ۽ هڪ عورت شامل آهن.

هوڏانهن لڪي شاهه صدر  ڀرسان ٻي روڊ حادثي ۾ عورت فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 ڀڳو ٽوڙو ڀرسان 2 ڪارون آمهون سامهون ٽڪرائجڻ سبب جوهي واسي يوسف جي گهرواري ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته يوسف ۽ سندس پٽ  سخت زخمي ٿي پيا………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tandojan Muhammad: Family members are behind us after marriage, Need protection: Couple

نيوز: ٽنڊوجان محمد: نڪاح بعد مائٽ سندن ويري بڻجي ويا آهن، تحفظ ڏنو وڃي:جوڙو

*ٽنڊوجان محمد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي دانهيو آهي ته نڪاح بعد مائٽ سندن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے