19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميهڙ: تشدد ٿيل نوجوان ناري جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي

Mehar: Violent teenage girl body was identifiedميهڙ ڀرسان نوجوان ناري جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٿيٻا ڀرسان زرعي زمين مان هٿ آيل نوجوان ناري جي لاش سڃاڻپ بلقيس بروهي طور ٿي.

بيدردي سان قتل ڪيل ناري ڳوٺ قائم جتوئي جي ذوالفقار بروهي جي زال آهي.

ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته اڻڄاتل جوابدارن سندن ناري کي اغوا ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، اغوا جو اطلاع فريد آباد ٿاڻي تي پڻ ڏنو.

مقتول ناري جي ٽن ٻارڙن جو اولاد هو، سندس مڙس دبئي ۾ مزدوري ڪري گهر هلائيندو هو.

ناري جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ناري جي وارثن ڪنهن تي به شڪ ظاهر ناهي ڪيو، جنهن سبب واقعي جو ڪيس  اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے