21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ  پاران پنجاب ۾ اڪثريت جي دعويٰ، گورنر جا اميدوار به سامهون اچي ويا

The candidates of the Governor, PTI, also claimed majority of Punjab's claimsلاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت سازي لاءِ پنجاب اسمبلي ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته هاڻ هنن وڏ وزارت سان گڏوگڏ پنجاب جي گورنر لاءِ به ڪوششون تيز ڪري ڇڏيو آهن. تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جي وچ ۾ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڊوڙ هلي رهي آهي ٻنهي پارٽين طرفان حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد ميمبر جي حمايت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ تحريڪ انصاف 186 ميمبرن جي حمايت سان گڏ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ پڻ سرگرم ٿي ويا آهن جن ۾ عليم خان، فواد چوڌري، سبطين خان، ياسيمن راشد، ميان اسلم اقبال ۽ ياسر همايون جا نالا شامل آهن جڏهن ته ان حوالي سان حتمي فيصلو پارٽي چيئرمين عمران خان کي ئي ڪرڻو آهي.ٻئي پاسي پنجاب جي گورنر لاءِ پڻ اسحاق خاڪواني، بابر اعواڻ، راءِ عزيز الله ۽ اعجاز چوڌري جا نالا سامهون آيا آهن. ذريعن موجب جهانگير ترين گورنر پنجاب جي منصب تي اسحاق خاڪواني کي آڻڻ جو خواهشمند آهي جڏهن عزيز الله پارٽي چيئرمين عمران خان جو اعتماد جوڳو ساٿي آهي. ذريعن موجب اعجاز چوڌري پڻ پارٽي لاءِ خدمتن سبب پنجاب جي گورنر بڻجڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آهي جڏهن ته بابر اعواڻ کي مخالف ڌر کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ گورنر مقرر ڪرڻ جو تجويز سامهون آئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے