23 آچر , سيپٽمبر 2018

عام چونڊن بعد عورتن جي مخصوص سيٽن وارو مرحلو، وڏا وڏا نالا اسمبلي ۾ پهچندا

After general elections, specific women's stages of women will be reached in a large number of namesاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 2018 جي عام چونڊن ۾ قومي اسمبلي ۾ عورتن جي مخصوص 60 سيٽن تي اسمبليءَ ۾ وڏين سياسي نالن جي اچڻ جو امڪان آهي. 2018 جي عام چونڊن بعد هاڻ مخصوص سيٽن تي عورت ميمبرن جي چونڊجڻ جو مرحلو آهي ۽ عورتن جي سيٽن تي سياسي جماعتن جا وڏا وڏا نالا قومي اسمبلي جا ميمبر بڻجندا. اليڪشن ڪيمشن جي ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي شيرين مزاري، عندليب عباس، منزا حسن مخصوص سيٽن تي قومي اسمبلي جون ميمبر ٿينديون. پي ٽي آءِ جي عاصمه قدير، عاليا حمزا، جويرا ظفر، ڪنول شوذب، سيمي بخاري ۽ فوزيه بهرام جي قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجڻ جا امڪان آهن. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي رخسانا نويد، تاشفين صفدر، وجيهه اڪرام، صائمه نديم، غزالا سعيد، نزهت پٺاڻ ۽ نصرت وحيد جا به قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجڻ جا امڪان آهن. ذريعن جو چون آهي ته مسلم ليگ ن جي طرفان طاهرا ارونگزيب، شائسته پرويز، عائشه رجب بلوچ، مريم اورنگزيب، شزا فاطمه، عائشه غوث پاشا، زهرا ودود فاطمي، ڪرن ڊار، خورشيد عالم، مسرت آصف ۽ زيب جعفري جا به قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجڻ جا امڪان آهن. ذريعن موجب ن ليگ جي ثمينا مطلوب، شهباز سليم ۽ سميا جيلاني جو به قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجڻ جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي حنا رباني کر مخصوص سيٽ تي قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجي سگهندي جڏهن ته شگفته جماڻي، مسرت رفيق ۽ ناز بلوچ جو به قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجڻ جا امڪان آهن. پيپلز پارٽي جي شاهدا رحماني، مهرين ڀٽو، شازيا صوبيه ۽ ياسمين شاهه پڻ قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجي سگهنديون. ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا ۽ مسلم ليگ ق جي فرخ خان مخصوص سيٽ تي قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجڻ جا امڪان آهن. ذريعن موجب اقليتن جي مخصوص سيٽن تي پيپلز پارٽي جي رميش لال، نويد عامرجيوا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي لال چند ۽ شهنيلا رٿ جي قومي اسمبلي جي ميمبر بڻجڻ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان کي 100 ڏينهن جي پلان ۽ نئين مڪاني نظام تي بريفنگ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ اجلاس دوران حڪومت جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے