21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |وڳڻ: پاڻي جي کوٽ ۽ مسئلن جي حل لاءِ  ريلي

Wagan,  WaterShotageوڳڻ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ شهر ۾ بنيادي مسئلن جي  حل لاءِ سجاڳ نوجوان اتحاد جي سڏ تي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو،

وڳڻ ۾ سجاڳ نوجوان اتحاد جي ڪارڪنن ممتاز  وڳڻ، مختيار  پنھور، قاري محمد عثمان مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

هنن چيو ته آگسٽ جو مھينو ھلي رھيو آھي  پر اڃان تائين سنڌ کي صحيح نموني پاڻي ناهي ڏنو ويو ، جنھن سبب  زمينون بنجر بڻجي ويون آھن ۽ ساريالو فصل توڙي ٻيجارو سڙي ويو  آھي

هنن  وڌيڪ چيو ته وڳڻ شھر ۾ ٽي سال گذرڻ باوجود ڪي به ترقياتي ڪم ناھن ڪرايا ويا ٽائون انتظاميا ھر مھيني ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ فنڊ خبر ئي ناھي ته ڪٿي ٿا خرچ ڪيا وڃن

 

هنن  مطالبو  ڪيو ته وڳڻ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾  تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے