25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهليءَ جو پهرين پوزيشن تي قبضو

ICC Testing: Indian captains occupy the first position of Kohliدبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڀارت ۽ انگلينڊ جي پهرين ٽيسٽ بعد رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽيسٽ رينڪنگ موجب ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي پهرين، اسٽيو سمٿ ٻئين ۽ جوئي روٽ ٽئين نمبر تي موجود آهن  ٻين رانديگرن ۾  ڪين ويلمسن چوٿين، ڊيوڊ وارنر پنجين، پجارا ڇهين، ڪرونارتيني ستين، چنديمل اٺين، ايلگر نائين ۽ مارڪرم ڏهين نمبر تي موجود آهن. ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهليءَ ڪينگروز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اسٽيو سمٿ کان پهرين پوزيشن کسي ورتي ۽ هن 67 ٽيسٽ ميچن ۾ پهريون ڀيرو ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي جڏهن اسٽيو سمٿ 32 مهينن تائين بيٽسمين جي پهرين پوزيشن تي قابض رهيو. واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ڪلهه انگلينڊ جي دوري تي موجود آهي ۽ آءِ سي سي ڀارت ۽ انگلينڊ جي پهرين ٽيسٽ بعد رينڪنگ جاري ڪئي آهي. پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي پهرين ڀيرو برطانوي سرزمين تي ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي هئي ۽ هن انگلينڊ خلاف ميچ ۾ 200 رنسون اسڪور ڪيون هون جنهن ۾ پهرين اننگز ۾ 149 ۽ ٻي اننگز ۾ 51 رنسون اسڪور ڪيون هون  جڏهن انگلش ٽيم ڀارت کي پهرين ٽيسٽ ۾ 31 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے