18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ديا مير ۾ تعليم دشمن ڪارروايون…

ديا مير، گلگت بلتستان جي ضلعي چلاس ۾ واقع هڪ شهر آهي، جيڪو گذريل ڪيئي سالن کان تعليم دشمن طاقتن جي ڪاررواين جو مرڪز ۽ محور رهيو آهي، گذريل رات شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم ٻارنهن اسڪولن تي انتها پسندن، تعليم دشمنن ۽ سماج دشمنن حملا ڪري اسڪولن جو فرنيچر ۽ ٻيو سامان تباهه ڪري ان کي باهه ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، ڄاڻايل ٻارنهن اسڪولن ۾ چار اسڪول نياڻين جا هيا، انتظاميا مطابق انهن ٻارنهن اسڪولن مان ستن اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو هلندڙ هيو جڏهن ته باقي اسڪول تعمير هيٺ هيا، دهشت گردن ۽ تعليم دشمنن ديا مير جي علائقي ۾ 2003ع ۾ پڻ اهڙيون ڪارروايون ڪيون هيون، پر هن دفعي جيڪي ڪارروايون ڪيون ويون آهن، انهن جو دائرو وسيع آهي جنهن ڪري انهن جي سنگينيءَ جو احساس به شدت سان ٿي رهيو آهي.

گلگت بلتستان وارو علائقو اڳ اترين علائقن جي حوالي سان پاڪستان جي انتظام هيٺ هوندو هو ، گلگت بلتستان جون سرحدون هڪ ئي وقت آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواهه، افغانستان جي واخن لنگهه، چين جي زيانگ ريجن، جڏهن ته هندستان جي انتظام هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سان لڳن ٿيون. هڪ ئي وقت ڪيئي اهم ۽ وڏن ملڪن ۽ علائقن سان سرحدون ملڻ ڪري گلگت بلتستان اهميت وارو علائقو بڻجي وڃي ٿو، گلگت بلتستان جي مجموعي آبادي ارڙنهن لکن جي لڳ ڀڳ آهي، گلگلت بلتستان ثقافتي حوالي سان انتهائي شاهوڪار ۽ شاهڪار علائقو آهي جنهن جي پنهنجي هڪ قديم تاريخ آهي، گلگت بلتستان جي تاريخ ۾ ان هوندي به ته اتي ماڻهو ڪيترن کي فرقن سان لاڳاپيل آهن پر انهن وچ ۾ مذهبي حوالي سان ڪڏهن ڪا ڇڪتاڻ نه رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ اسڪولن کي تباهه ڪرڻ وارو لاڙو مذهبي انتها پسنديءَ وارو لاڙو واضع ڪري ٿو جنهن جي شروعات 2003ع کان ٿئي ٿي ۽ هاڻي ان جا بدترين نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

زبردستي اسڪول بند ڪرڻ، ڌماڪن سان تباهه ڪرڻ انهن کي باهيون ڏيڻ ۽ ٻارن جي والدين کي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان منع ڪرڻ، عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ اگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ وارا معاملا ته خيرپختون خواهه ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان ٿيندا رهيا آهن، جنهن ڪري سون جي انگ ۾ اسڪول تباهه ۽ برباد ٿيڻ بعد بند ٿيا، خيبرپختون خواهه ۾ ٿيندڙ اهڙين تعليم دشمن ڪاررواين ۾ هاڻي ڪنهن حد تائين ٺاپر آئي آهي پر خطرو مڪمل طور ٽريو ناهي، گلگت بلتستان ۾ ٻارنهن اسڪولن تي ڪيل اهڙا حملا اهڙن خطرن کي جهڙوڪر سچو ثابت ڪرڻ  جو هڪ موقعو مُهيا ڪري رهيا آهن ۽ اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخخواهه ۾ جيڪي تعليم دشمن ڪارروايون ٿينديون رهيون آهن، انهن جو “ مائنڊ سيٽ” هڪڙو ئي آهي.

ايڪويهن صديءَ ۾ دنيا جهڙوڪر هڪ ڳوٺ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽  اها ڳالهه عالم آشڪار ٿي چڪي آهي ته هن وقت دنيا جو ڪوبه معاشرو هُجي اهو تعليم کان سواءِ مجموعي طور تي ڪابه ترقي ڪري نه ٿو سگهي ، اهڙي سوچ دنيا سان گڏ پاڪستان جي مجموعي معاشري تي به لاڳو ٿئي ٿي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي جو ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان تعليم دشمن ڪارروايون ڪيترن ئي روپن ۾ جاري آهن، اسڪول بند ڪرائڻ، اسڪول تباهه ڪرڻ، ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان روڪڻ ايتري قدر جو ٻارن جي اسڪول وارين گاڏين تي حملا ڪري ٻارن کي قتل ڪرڻ جهڙيون ڪارروايون پڻ شامل آهن، اهڙين ڪيئي ڪاررواين مان هڪ ڪارروائيءَ جو شڪار ملاله يوسفزئي پڻ ٿي چڪي آهي، جنهن اهڙي هڪ حملي ۾ شديد زخمي ٿيڻ بعد عالمي سطح تي مشهوري ۽ مڃتا ماڻي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن به ڌر پاران ٿيندڙ تعليم دشمن ڪارروايون مجموعي طور تي معاشري ۾ علم دشمن ڪارروايون آهن، جن جو مقصد معاشري کي علم جي روشنيءَ کان محروم رکي، جاهل نسل ۽ سماج پيدا ڪرڻ آهي جنهن تي پنهنجي پسند جو مذهبي فڪر مڙهي ان جي بنياد تي معاشري تي پنهنجو اثر قائم رکڻ آهي، پاڪستاني معاشري جو اهو هڪ انتهائي اوندانهون رخ آهي ته ڪيئي گروهه ۽ جماعتون مختلف مذهبي فڪر مڙهي معاشري تي پنهنجو اثر قائم رکڻ گهرن ٿيون جنهن جي ڪري هو هر اهو قدم کڻن ٿيون جنهن سان معاشرو هيسجي، ڪنبجي ڪنڊ ۾ ويهي رهي ۽ پوءِ ڪنهن به علم، ادب ۽ ڏاهپ جي ڳالهه نه ڪري ۽ ڪوبه سوال نه ڪري جو علم، ادب ۽ سوال معاشري کي سجاڳي ۽ سمڪ ڏين ٿا، ۽ معاشري کي ترقيءَ جا سمورا گس، ذريعا ۽ موقعا مُهيا ڪن ٿا.

اسين اهو به سمجهو ٿا ته معاشري جي مجموعي ترقيءَ جي دشمنن خلاف حڪومت کي انتهائي سختيءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هر اهو قدم کڻڻ گهرجي جنهن سان تعليمي عمل جاري ۽ ساري رهي سگهي ۽ مجموعي طور تي معاشرو ترقي ڪري سگهي.

آچر  5 آگسٽ 2018ع، 22 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبلي اعتماد جو نالو آهي

سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ٿي گذري ۽ چونڊيل ميمبرن، اسيمبليءَ جي ۽ پنهنجي ان منصب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے