19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پ پ اڳواڻ نبيل گبول جو شهري سان جهيڙو

Jahahir of Karachi Jailah, a leader of PPP leader Nabeel Gabol on International Airportڪراچي(ويب ڊيسڪ) جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نبيل  گبول جو شهري سان جهيڙو ٿيو جنهن تي پ پ اڳواڻ شهري کي ڌڪا ڏئي زمين تي اڇلائي ڇڏيو.ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نبيل گبول ۽ شهري وچ ۾ منهن ماري ٿي ۽ معاملو ڏسندي ئي ڏسندي جهيڙي تائين پهچي ويو.ان دوران نبيل گبول ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ شهري کي ڌڪا ڏئي جنهن تي هو زخمين تي وڃي ڪريو جڏهن ته ان دوران شهرين نبيل گبول جي رويي جي وڊيو به ٺاهي ورتي جڏهن متاثر مسافر ايئرپورٽ جي عملي کي گهرائيندو رهيو پر ڪوبه ان جي مدد لاءِ نه آيو.پوليس موجب جهيڙي بابت ايئرپورٽ ٿاڻي ۾ ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو جڏهن ته نبيل گبول يا ڪنهن مسافر به ڪارروائي لاءِ درخواست نه ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NA-206: Syed Khursheed Shah of the Pepperar Party, with the clear explanation

عمران خان کي خيرات نه وٺڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے