23 آچر , سيپٽمبر 2018

بي اين پي مينگل جي 6 نقطن تي اڳڀرائي ممڪن آهي: شاهه محمود قريشي

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي نائب چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلوچستان نينشل پارٽي جي 6 نقطن تي اڳڀرائي ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ جي بي اين پي مينگل جي وفد سان ملاقات بعد ڪيو.  شاهه محمود قريشي چيو ته بلوچستان نيشنل پارٽي پي ٽي آءِ کي 6 نقطا پيش ڪيا هئا، اسان ان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان تي اڳڀرائي ممڪن آهي. هن چيو ته آزمايل کي آزمائڻ دانشمندي ناهي، آئون پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي اڄوڪي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪندس، پي ٽي آءِ ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جا ويجهو اچڻ جا امڪان روشن آهن. هن چيو ته ڪالهه سردار اختر مينگل سان ٽيليفون ڳالهيون ٿيون، اسان نه ته ڪڏهن دهشتگردي جو ساٿ ڏنو، نه ئي ڏينداسين. اسان جمهوري ماڻهو آهيون چاهيون ٿا ته سياسي عمل اڳتي وڌي.  هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو آهي، ايم ڪيو ايم کي به ووٽ ڏنا، ايم ڪيو ايم جا جائز مطالبا هئا، انهن کي پورو ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے