17 جمعو , آگسٽ 2018

وزرش جو متبادل نه غذا نه اسپتال جي ڪا دوا…!

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) وزرش جا فائدا ايترا آهن جو دنيا جي ڪا به غذا ۽ اسپتال جي ڪا به دوا ورزش جو متبادل نٿي ٿي سگهي.  ايستائين جو يوگا ۽ ٻيا غير روايتي طريقا به ورزش کان پوئتي آهن. نئين جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته باقاعده ورزش ڪيترن ئي طريقن سان دماغ ۽ ذهن جي لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿي آهي. برين پلاسٽيسٽي نالي جنرل ۾ نيويارڪ يونيورسٽي جي دماغي علم بابت مرڪز ورزش کان پوءِ انسانن ۽ جانورن جي دفاغي اسڪين کي ڏسندي چيو آهي ته ورزش دماغي ڪارڪردگي ۽ برين نيٽ ورڪ  جي رستن کي مضبوط ڪندي دماغي ۽ ذهني توانائي کي وڌائيندي آهي.  ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ئي قسم جي ورزش گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ تائين ڪرڻ سان دماغ جي ڪيميائي ساخت ۽ افعال تي سٺا اثر پوندا آهن. ان ۾ ايئروبڪ ورزشون سرفهرست آهن جنهن ۾ جاگنگ، تيز هلڻ، پيراڪي، باڪسنگ، سائيڪل هلائڻ ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون ئي ورزشون شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The hottest sleeping habit causes death before time: research

تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ واري عادت وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي ٿي: تحقيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو روزاني 9 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے